اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو ته روس فرٽيلائيزر پلانٽس کي جديد بڻائڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪندو، پاڪستان روس سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پاڪستان ۾ روس جي سفير البرٽ پي خوريو سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزارت جي تر??ما?? موجب پاڪستان ۽ روس فرٽيلائيزر پلانٽس کي جديد بنائڻ ۽ زرعي تعاون تي مفاهمت جي يادداشت تي صحيحيون ڪندا. ملاقات ۾ صنعتي، زرعي ۽ اقتصادي تعاون جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته روس سان واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ جديد زر??ي مشينري جي ضرورت آهي، روس جي سيڙپڪارن کي ملڪ ۾ س??ول?? فراهم ڪئي ويندي. روس جي سفير چيو ته روس پاڪستان کي جديد زر??ي مشينري فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستان مان زر??ي ماهر روس جو دؤرو ڪن.