نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پابندي اڻ اعلانيل نه آهي، نگران حڪومت جي دور ۾ ”ايڪس“ تي پابندي قومي سلامتي جي ڪري هنئي وئي، اها اظهار راءِ جي آزادي کي روڪڻ جي ڪوشش نه آهي. اها ڳا??هه هن وائيس آف آمريڪا سان ڳا??هائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عليحدگي پسند ۽ د??شت??رد گروپ ”ايڪس“ پليٽ فارم کي ملڪ جي خلاف استعمال ڪري رهيا آهن، بي ايل اي جا د??شت??رد ??نه??جي مهم ”ايڪس“ تي هلائين ٿا ۽ ??نه??جون سموري د??شت??ردي تي ٻڌل سرگرميون ”ايڪس“ تي لائيو پوسٽ ڪن ٿا. هن چيو ته ”ايڪس“ تي پابندي جو معاملو عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، گهرو وزارت ان تي ??نه??جو جواب جمع ڪرايو آهي ۽ چيو آهي ته عليحدگي پسند ۽ د??شت??رد گروپن کي ”ايڪس“ تائين پهچ حاصل آهي ۽ اهي ان پليٽ فارم کي اسان جي ملڪ جي خلاف استعمال ڪري رهيا آهن. هن چيو ته د??شت??رد گروپن کي سوشل ميڊيا پليٽ فارم جي غلط استعمال جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، بطور پاڪستاني اسان درخواست ڪري سگهون ٿا ته انهن د??شت??ردن جي ڪاررواين کي روڪڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. هن چيو ته د??شت??رد لاش ڪيرائڻ، معصوم شهرين جو رت وهائڻ جي لاءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن، انهن کي حق حاصل نه آهي ته اهي سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ڪري سگهن. وفاقي وزير چيو ته سوشل ميڊيا جي لاءِ ملڪ ۾ ڪو نه ڪو نظام موجود هجڻ گهرجي، ويب مئنيجمينٽ سسٽم اڳ ۾ ئي موجود هو، ان نظام تحت سائبر سيڪيورٽي ۽ ڊيٽا سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪو حرج نه آهي. هن چيو ته ??يجيٽل رائيٽس پروٽيڪشن اٿارٽي جهڙو فورم موجود هجڻ گهرجي جتي عوام ??نه??جي شڪايت داخل ڪرائي سگهي، ان حوالي سان ڪابينا ۾ هڪ قانون آيو هو، ڪابينا اهو معاملو ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ ان قانون جي تياري ۾ سمورين ڌرين بشمول صحافتي تنظيمن، ميڊيا هائوسز، پي ايف يو جي ۽ پوليٽيڪل پارٽين کي آن بورڊ ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن موثر قانونسازي ٿي سگهي جنهن تي عملدرآمد آسان ٿئي. هن چيو ته بطور سياسي ڪارڪن چوندس ته ”ايڪس“ کلڻ گهرجي. هن چيو ته ايڪس تي پابندي جو مسئلو رڳو ڪمپلائنس جو آهي، ايڪس سان ڪمپلائنس جا معاملا بهتر ٿي وڃن ته اهو معاملو خوش اسلوبي سان حل ٿي سگهي ٿو، ايڪس تي پابندي جو معاملو هن وقت عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، گهرو وزارت ان معاملي کي ڏسي رهي آهي.