اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آم??يڪي صدر جوبائيڊن طر??ان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شريڪ حڪومتي سربراهن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ آم??يڪي صدر سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شريڪ حڪومتي سربراهن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آم??يڪي صدر جوبائيڊن ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن هڪٻئي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آجياڻي ۾ ٻين ملڪن جي حڪومتي سربراهن ??ه شرڪت ڪئي.