اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) اسلام آباد اسٽيٽ ايجنٽس ايسوسي ايشن جي صدر ۽ آءِ سي سي آءِ جي ميمبر سردار طاهر محمود ۽ جنرل ??يڪريٽري چوڌري زاهد رفيق چيو آهي ته ايس سي او اجلاس جي ميزباني پاڪستان لاءِ اعزاز آ??ي. پنهنجي گڏيل بيان ۾ هنن چيو ته اجلاس ۾ ميمبر ملڪن جي سربراهن سميت ٻيا نمائندا شرڪت ڪندا، جيڪي گهٽ ۾ گهٽ ساڍا 3 ارب آبادي جا ترجمان هوندا، اهڙو مو??عو پاڪستان لاءِ نعمت کان گهٽ نه آهي، اسان کي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سمورن مهمانن کي ڀليڪار ڪرڻو آهي. هن چيو ته شنگهائي سهڪار تنظيم جو اجلاس سينٽرل ??يشين ملڪن جو هڪ ٻئي سان لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جو اهم مو??عو آهي ۽ پاڪستان ۾ ان جي منعقد ٿيڻ سان پاڪستان ۾ سيڙپڪ??ري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي بهتري جي راهه هموار ٿيندي.