دوحه – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو. دوحه جي عالمي هوائي اڏي تي قطر جي ثالثي واري مملڪتي وزير محمد بن عبدالعزيز الخليفي، قطر ۾ مقرر پاڪستاني سفير ۽ ٻئي سفارتي عملي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پا??ان جاري بيان موجب پنهنجي دوري دو??ان وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني سا?? ملاقات ڪندو. وزيراعظم سا?? قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي ۽ قطر بزنس مين ايسوسيئيشن جا وفد پڻ ملاقات ڪندا. وزيراعظم قطر ميوزيم ۾ ”منظر آرٽ ايگزي بيشن: 1940ع کان هيستائين پاڪستان ۾ آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر“ جو ??ڻ افتتاح ڪندو. وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ڄام ڪمال خان، محمد اورنگزيب ۽ عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سا?? گڏ آهن.