اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير ??ين??ٽر محمد اورنگزيب سان اي پي ايم ٽرمينلز جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سي اي او ڪيٿ سوينڊسن ??الهه هتي ناڻي واري ڊويزن ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ڊئنمارڪ جي سفير جيڪب لينولف، ڊئنمارڪ ۾ پاڪستان جي سفير شعيب سرور سميت اعليٰ عملدار به موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڊئنمارڪ وچ ۾ ٻه طرف?? تعاون کي وڌائڻ ۽ جٽادار اقتصادي اؤسر کي تيز ڪرڻ لاءِ گذريل مهيني ه?? مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) تي صحيح کانپوءِ ٿيل اڳڀرائي تي توجهه ڏني وئي. سبز ۽ پائيدار پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ ۽ وڌائڻ آهي. ??ين??ٽر محمد اورنگزيب اي پي ايم ٽرمينلز جو پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جي عزم جي آجيان ڪئي ۽ گروپ کي سهولت ف??اهم ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ م مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. ڪيٿ سوينڊسن، ناڻي واري وزير کي اي پي ايم ٽرمينلز جي بزنس پورٽ فوليو ۽ پاڪستان ۾ پورٽ انفراسٽرڪچر ج?? تعمير جي رٿائن جي باري ۾ ٻُڌايو ته جيئن روينيو ۾ واڌ ۽ علائقائي واپار ۽ رابطن ۾ بهتري اچي.