اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) آذربائيجان جي گاديءَ واري شهر باڪو ۾ جاري گڏيل قومن جي ڪاپ-29 اجلاس ۾ سومر تي پاڪستان پويلين تي 6 تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن. اها ڳالهه وزيراعظم جي موسميات?? تبديليءَ بابت ڪوآرڊينيٽر روم??نه خورشيد عالم ٻُڌائي. موسميات?? تبديلي واري وزارت مان جاري بيان موجب هن چيو ته موسميات?? تبديليءَ واري وزارت پاڪستان جي موسمياتي خط??ن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن کي ڪاميابيءَ سان پيش ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ موسميات?? تبديلي، فضائي گدلاڻ، برقي گاڏين، نوجوانن جو موسمياتي خطرن جي انتظام ۾ ڪردار ۽ موسمياتي سبز سيڙپڪاري تي پاڪستاني پويلين تي اڄ مختلف تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن. هي تقريبون روم??نه خورشيد عالم جي اڳواڻيءَ ۾ ترتيب ڏنيون پيون وڃن. مختلف ملڪن مان موسمياتي اڳواڻ، سياستدان، ميڊيا جا نمائندا، شاگرد ۽ محقق تقريبن ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.