اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف هر مشڪل ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي سعودي قيادت ۽ حڪومت جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان سعودي عرب جي نائب گهرو وزير ڊاڪٽر ناصر بن عبدالعزيز الدائود وزير??عظ?? هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزير??عظ?? سعودي نائب گهرو وزير جي آجيان ڪندي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزير??عظ?? خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزير??عظ?? شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي، ڀائراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزير??عظ?? هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي سعودي قيادت ۽ حڪومت جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل طور تي لاڀائتي اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. وزير??عظ?? پاڪستان ۾ 2.8 ارب آمريڪي ڊالر جي سعودي سيڙپڪاري جي حوالي سان سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي عملدرآمد تي پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ غزه ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. رياض ۾ ٿيندڙ تازي عرب اسلامي سربراهي ڪانفرنس جو ذڪر ڪندي وزير??عظ?? سربراهي اجلا?? منعقد ڪرڻ تي سعودي عرب جي قيادت کي ساراهيو ۽ فلسطين ۾ اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي قدمن جي خلاف ۽ غزه ۾ تشدد جي خاتمي جي لاءِ گڏيل طور تي مسلمان امت کي متحد ڪرڻ جي سعودي ولي عهد ۽ وزير??عظ?? محمد بن سلمان جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ تعاون جي اهم??ت تي زور ڏيندي وزير??عظ?? چيو ته سعودي عرب جي نائب گهرو وزير ۽ سندس وفد جو دورو انهن حساس شعبن ۾ تعاون جي حوالي سان ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ مدد ڏيندو. وزير??عظ?? سعودي ولي عهد ۽ وزير??عظ?? شهزاده محمد بن سلمان کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پاڪستاني عوام سندس شاندار استقبال جي منظر آهي.