اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف چيو آهي ته ايف بي آر ۾ سڌ??رن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن، عوام جي ٽيڪس تي ڌاڙو هڻندڙن جي ??لاف پڪڙ مضبوط ڪئي ويندي، ٽيڪس بيس ۾ اضافي جي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايف بي آر جي ??ينيئر آفيسر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم ??ائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايف بي آر جي ??ينيئر آفيسر اعجاز حسين کربين رپين جي ??يلز ٽيڪس فراڊ جي ڪوشش جي وقت سر نشاندهي ڪندي ڪارروائي ڪئي. وزيراعظم ??حمد شهباز شريف اعجاز حسين جي فرض شناسي کي ساراهيندي سندس ايمانداري جي ??عتراف ۾ ان جي لاءِ 50 لک رپين جي ??نعام جو اعلان ڪيو. وزيراعظم ??حمد شهباز شريف اعجاز حسين جي فرض شناسي تي کيس اعزازي شيلڊ پڻ ڏني. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۾ فرض شناس آفيسرن ۽ پنهنجي پيشي سان مخلص باصلاحيت ماڻهن جي کوٽ نه آهي، ضرورت ان ڳالهه جي ??هي ته اهڙن ايماندار ماڻهن جي ??وصلا افزائي ڪئي وڃي. وزيراعظم ايف بي آر سڌ??رن جي مثبت نتيجن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جي ??ريب عوام جو ٽيڪس چوري ڪرڻ ۽ انهن جي مدد ڪندڙن جي نشاندهي ڪري انهن کي سخت کان سخت سزا ڏياري ويندي، غريب عوام جي ٽيڪس تي ڌاڙو هڻندڙن جي ??لاف قانون جي پڪڙ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. هن چيو ته اعجاز حسين ان احسن قدم سان ملڪ ۽ قوم جي ??دمت ڪئي آهي جيڪو ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم ??دايت ڪئي ته ايف بي آر ٽيڪس فراڊ جي ??ن ڪڌي ڪوشش جي ??فصليي جاچ کانپوءِ ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي. هن ايف بي آر ٽيڪس فراڊ ۾ ملوث عنصرن ۽ انهن جي مدد ڪندڙن کي سزا ڏيارڻ جي لاءِ بهترين قانوني ٽيم جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سيلز ٽيڪس چوري جي لاءِ 80 سالن جي ??ورت جا دستاويز استعمال ڪيا ويا، 4 مارچ 2024ع تي ايف بي آر جي ??ينيئر آفيسر اعجاز حسين ٽيڪس فراڊ جي ??ن ڪوشش جي نشاندهي ڪئي، سيلز ٽيڪس فراڊ جي ??ن ڪوشش ۾ شروعاتي طور تي 37 ڪروڙ منتقل به ٿيا جنهن جي ??يڪوري جو عمل جاري آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽيڪس فراڊ جي ڪوشش ۾ ملوث مرڪزي جوابدار گرفتار ڪيو ويو آهي. وزيراعظم حڪم ڏنو ته تفصيلي جاچ کانپوءِ ٽيڪس فراڊ جي ڪوشش ۾ مبينا سهڪار ڪندڙ ايف بي آر جي ??ملدارن جي نشاندهي ڪري انهن کي به سخت سزا ڏياري وڃي. وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت جي ??رقي جي لاءِ ٽيڪس بيس ۾ اضافي جي ??والي سان ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون، ايف بي آر جي سڌ??رن ۽ مڪمل ڊيجيٽائيزيشن سان مستقبل ۾ پڻ اهڙي قسم جي ڪاررواين جي ??وڪٿام ٿي سگهندي.