ڪراچي – 21 نومبر (اي پي پي) پا??ستان ۾ ترڪيءَ جي سفير ڊاڪ??ر عرفان نذير اوگلو ڪراچيءَ ۾ ترڪي جي قونصل جنرل جمال سانگو سان گڏ سن?? مدرسته الاسلام يونيورسٽي جو دورو ڪيو ۽ وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ تحقيق، اعليٰ تعليم، تصوف ۽ سن?? مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۽ ترڪي جي يونيورسٽين وچ ۾ تعاون جي ممڪن طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ترڪ سفير سن?? مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي تعليمي شعبن خاص ڪري بزنس ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ، آرٽيفيشل انٽيليجنس ڊپارٽمينٽ، ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ ۽ سوشل اينڊ ڊولپمينٽ اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ سان تعاون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
ڊاڪ??ر عرفان نذير اوگلو چيو ته هو سن?? مدرسته الاسلام يونيورسٽي پاران ان جي سٽي ڪيمپس ۾ قائم ٿيندڙ جلال الدين رومي چيئر جي مدد ڪندو ۽ ان جو قون??ه جي سيلڪوڪ يونيورسٽي ۽ ٻين يونيورسٽين سان الحاق ڪرائيندو. ملاقات ۾ ڊاڪ??ر عرفان نذير اوگلو سن?? مدرسته الاسلام جي باني خان بهادر حسن علي آفندي جي جديد تعليم جي فروغ لاءِ ڪيل خدمتن ۽ سلطنت عثمان??ه جي دور ۾ ترڪي سان دوستاڻن لاڳاپن کي پڻ ساراهيو. سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي ڊاڪ??ر عرفان نذير اوگلو ۽ جمال سانگو کي پا??ستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي مادرعلمي- سن?? مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ اچڻ ۽ تحقيق ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ سهڪار ڪرڻ واري آڇ تي ٿورو مڃيو. هن چيو ته اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته سن?? مدرسته الاسلام جي باني خان بهادر حسن علي آفندي جا سلطنت عثمان??ه جي دور ۾ ترڪي سان ويجها لاڳاپا هئا ۽ کيس 19هين صدي جي آخر ۾ ڪراچيءَ ۾ ترڪيءَ جو قونصل جنرل مقرر ڪيو ويو هو. هن وڌيڪ چيو ته، حسن علي آفندي روس ۽ ترڪيءَ جي جنگ دوران سلطنت عثمانيه کي ضروري سامان فراهم ڪري انهن جي مدد پڻ ڪئي هئي. وائس چانسلر وڌيڪ چيو ته ويجهي مستقبل ۾ سن?? مدرسه يونيورسٽي جي نئين ٺهندڙ عمارت ۾ مولانا رومي چيئر ۽ حسن علي آفندي ميوزيم قائم ڪرڻ لاءِ هڪ فلور مختص ڪيو ويندو. ترڪ سفير چيو ته ترڪ حڪومت ان ذڪر ڪيل منصوبي ۾ پڻ سن?? مدرسه يونيورسٽيءَ سان تعاون ڪندي، جڏهن ته ترڪ سفير ۽ قونصل جنرل سن?? مدرسه يونيورسٽي جي وائيس چانسلر سان گڏجي جناح ميوزيم کي گهُمي ڏٺو. جڏهن ته ڊاڪٽر مجيب صحرائي مهمان کي يونيورسٽيءَ جي شيلڊ پيش ڪئي.