اسلام آباد -01 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار پرڏيهي آفيس ۾ وو??ين ايسوسيئيشن چيئرٽي بازار جو افتتاح ڪري ??ڏيو. گذريل ڏي??هن پرڏيهي آفيس ۾ چيئرٽي بازار جي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پاڪستان فارين آفيس وو??ين ايسوسيئيشن جي سالياني چيئرٽي بازار 2024ع جو افتتاح ڪيو. چيئرٽي بازار ۾ مختلف سفارتخانن طرفان اسٽال ۽ پنهنجن پنهنجن ملڪن جي ثقافتي نمائش جو اهتمام ڪيو ويو. ان موقعي تي پرڏيهي سفارتڪار ۽ سندن گهر ڀاتين جو وڏو انگ به چيئرٽي بازار ۾ موجود هو. ان کان علاوه پرڏيهي وزارت جي آفيسرن جو وڏو انگ به ان موقعي تي موجود هو. ان بازار جو مقصد معاشري ۾ مستحق ۽ ڪمزور ??بقن جو سهڪار ۽ ڀلائي ڪرڻ آهي.