اسلام آباد– 17 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايشيا ۾ انٽر ايڪشن ۽ اعتمادسازي جي قدمن (سيڪا) جي ستين وزارتي اجلاس ۾ ورچوئل شرڪت ڪئي، اهو اجلاس سيڪا چيئر آذربائيجان جي ميزباني ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ علائقائي تعاون وڌائڻ، امن کي ??رو?? ڏيڻ ۽ ايشيا ۾ پائيدار ترقي کي اڳتي وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. نائب وزيراعظم ايشيا ۾ گڏيل، جامع، تعاون تي ٻڌل ۽ پائيدار سلامتي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ??يڪا جي ويزن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن خطي جي اهم چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ??يڪا جي بي پناهه صلاحيت کي اجاگر ڪيو جن ۾ سياسي تڪرارن ۽ مقامي غربت شامل آهي جيڪي گڏيل ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن. پاڪستان جي بيان جو هڪ اهم مرڪز اقتصادي انضمام ۽ پائيدار ترقي کي ??رو?? ڏيڻ جي لاءِ ??لائقائي رابطن کي مضبوط بڻائي ٿو. نائب وزيراعظم چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جهڙن رابطن جي قدمن جي اهم ڪردار تي زور ڏنو جنهن ۾ گڏيل ترقي کي ??رو?? ڏيڻ، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۽ سڄي ايشيا ۾ واپار ۽ توانائي جي رابطن کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ويو. هن چيو ته اهي منصوبا علائقائي اقتصادي تعاون ۽ خوشحالي جي لاءِ ??هم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. بيان موجب پاڪستان سيڪا جو باني ميمبر آهي، ان گهڻ قومي فورم جو مقصد ايشيا ۾ امن، سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي کي ??رو?? ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي 28 ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۽ اعتمادسازي کي وڌائڻ آهي.