اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي ??عاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل جي دوري دوران وومين چيمبر آف ڪامرس سان مانجهاندي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب مملڪتي وزير معاشري ۾ عورتن جي اهم ڪردار جو ذڪر ڪن??ي پاڪستان ۽ افغانستان جي ڪاروباري عورتن جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۾ پاڪستانج ي گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان عورتن جي ڪاروبار جي ذريعي تيار ڪيل مصنوعات جي درآمد کي خاص ترجيح ڏيندو.