اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ??رحدي خلاف ورزي تي ايران ??ي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ايران ??ان پنهنجي سفير کي به واپس گهرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترج??ان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي بيان ۾ چيو ته گذريل رات ايران پاران پاڪستان ??ي خودمختياري جي اشتعال انگيز ۽ ک??يل خلاف ورزي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جي خلاف ورزي آهي. اهو غيرقانوني عمل مڪمل طور تي ناقابل قبول آهي ۽ ان ??و ڪو جواز نه آهي. پاڪستان ??ن غيرقانوني قدم جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. نتيجن جي ذميواري پوري طرح ايران ??ي لاڳو هوندي. هن چيو ته اسان ??هو پيغام ايراني حڪومت تائين پهچ??ئي ڇڏيو آهي. اسان ??نهن کي اهو به ٻُڌايو آهي ته پاڪستان ??يران ??ان پنهنجي سفير کي واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ پاڪستان ۾ ايراني سفير جيڪو هن وقت ايران ??ي دوري تي آهي ان کي چيو ويو آهي ته هو في الحال واپس نه اچي. اسان ??نهن سمورن اعليٰ سطحي دورن کي پڻ معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪي ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۽ ايران ??ي وچ ۾ جاري هئا يا طئي ٿيل هئا. واضح رهي ته ايران پاران ڪيل ان ”غيرقانوني“ فض??ئي حدن جي خلاف ورزي جي نتيجي ۾ ٻه ٻار مارجي ويا جڏهن ته ٽي ڇوڪريون زخمي ٿيون آهن.