اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ايندڙ مالي سال 21 – 2020ع جي 7137 ار?? رپيا ڪاٿي واري ٽيڪس فري وفاقي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اين ايف سي ايوارڊ تحت 2874 ار?? رپين جو روينيو صوبن کي منتقل ڪيو ويندو، سماجي تحفظ جو پروگرام 187 ار?? مان وڌائي 205 ار?? رپيا ڪيو ويو، توانائي، خوراڪ ۽ ٻين شعبن ۾ سبسڊي جي لاءِ 179 ار?? رپيا رکيا ويا آهن، اوڳاڙين جو هدف 6573 ار?? رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام جي لاءِ 650 ار?? رپيا رکيا ويا آهن، بجيٽ خسارو جي ڊي پي جو 7 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، سيلز ٽيڪس جي شرح 14 سيڪڙو کان ??هٽ ڪري 12 سيڪڙو ڪئي وئي، سيمنٽ تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 2 رپيا ??هٽ ڪري 1 رپيو 75 پئسا ڪئي وئي، پاڪستان ۾ ٺهندڙ موبائيل فونز تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، درآمدات تي انڪم ٽيڪس جي ش??ح کي خام مال تي 5.5 سيڪڙو کان ??هٽ ڪري 2 سيڪڙو ۽ مشينري تي ٽيڪس 5.5 سيڪڙو مان ??هٽ ڪري هڪ سيڪڙو ڪيو ويو آهي، ??هٽ ۾ ??هٽ پگهار 15 هزار مان وڌائي 25 هزار ڪئي وئي، موٽرسائيڪل رڪشا ۽ 200 سي سي تائين موٽرسائيڪل تي ايڊوانس ٽيڪس ختم ڪيو ويو، ٽيڪس ادا نه ڪندڙ اهڙا ماڻهو جيڪي اسڪول جي ساليانو فيس 2 لک رپين کان وڌيڪ ادا ڪن ٿا، ان کان سئو سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪيو ويندو، ڊبل ڪيبن پڪ اپ تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي، انرجي ڊرنڪس تي ايف اي ڊي 13 سيڪڙو مان وڌائي 25 سيڪڙو، درآمدي سگريٽس، ٻيڙيءَ، سگار ۽ تماڪو جي ٻين شين تي لاڳو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 65 سيڪڙو مان وڌائي 100 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، ڪوويڊ 19 بابت صحت جي ساز و سامان جي درآمد تي جاري ڇوٽ ۾ وڌيڪ ٽن مهينن جي واڌ ڏني وئي آهي، ايندڙ مالي سال دوران جي ڊي پي جي واڌويجهه جي ش??ح کي 0.4 سيڪڙو مان وڌائي 2.1 سيڪڙو تي آندو ويندو، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي 4.4 سيڪڙو تائين محدود رکيو ويندو، ناڻي واڌ جي شرح 9.1 سيڪڙو کان ??هٽ ڪري 6.5 سيڪڙو تائين آندي ويندي، سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 25 سيڪڙو تائين جو اضافو ڪيو ويندو. وفاقي وزير حماد اظهر ڪجهه ترميمن سان گڏ مالي بل 2020ع غور هيٺ آڻڻ جي لاءِ پيش ڪيو جنهن ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر پاران ترميمون پيش ڪيون ويون ۽ انهن مان ڪجهه ترميمون منظور ڪري ان کي مالي بل جو حصو بڻايو ويو. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي انگن اکرن موجب ڪل روينيو ڪاٿو 6573 ار?? رپيا آهي جنهن ۾ ايف بي آر روينيو 4963 ار?? رپيا ۽ نان ٽيڪس روينيو 1610 ار?? رپيا شامل آهي. اين ايف سي ايوارڊز تحت 2874 ار?? رپين جو روينيو صوبن کي منتقل ڪيو ويندو. نيٽ وفاقي روينيو جو ڪاٿو 3700 ار?? رپيا آهي. ڪل وفاقي خرچن جو ڪاٿو7137 ار?? رپيا لڳايو ويو آهي. اهڙي طرح بجيٽ خسارو 3437 ار?? رپين تائين رهڻ جي اميد آهي جيڪو جي ڊي پي جو 7 سيڪڙو بڻجي ٿو ۽ پرائمري بيلنس 0.5 سيڪڙو هوندو. غريبن جي احساس پروگرام جي بجيٽ وڌائي 208 ار?? رپيا ڪئي وئي آهي، توانائي، خوراڪ ۽ ٻين شعبن کي مختلف قسم جون سبسڊيز ڏيڻ جي لاءِ 179 ار?? رپين جي رقم رکي وئي آهي. ايڇ اي سي جي بجيٽ وڌائي 64 ار?? رپيا ڪئي وئي آهي. ??هٽ قيمت تي گهر فراهم ڪرڻ لاءِ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي کي 30 ار?? رپيا فراهم ڪيا آهن. اخوت فائونڊيشن جي قرضه حسنه اسڪيم ذريعي ??هٽ لاڳت وارن رهائشي گهرن جي تعمير جي لاءِ ڏيڍ ار?? رکيا ويا آهن. بجيٽ ۾ خصوصي علائقن آزاد ڪشمير جي لاءِ 55 ار?? رپيا ۽ گلگت بلتستان جي لاءِ 32 ار?? رپيا رکيا ويا آهن. خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ 56 ار?? رپيا رکيا ويا آهن. ان کانسواءِ سنڌ کي 19 ار?? رپيا ۽ بلوچستان کي 10 ار?? رپين جي خصوصي گرانٽ انهن جي اين ايف سي حصي کان وڌيڪ ڏني وئي آهي.