اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا ??ائرس بابت تازا ۽ تصديق ٿيل انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، هڪ لک 72 هزار 810 مريض ڪورونا ??ائرس کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي چڪا آهن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪو به مريض وينٽي ليٽر تي نه آهي، گذري?? 24 ??لاڪن ۾ 21 هزار 749 ٽيسٽ ڪيا ويا جن ۾ 2165 نوان مثبت ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، وڌيڪ 67 ڪورونا ??ريض لاڏاڻو ڪري ويا. اين سي او سي موجب هن وقت سڄي ملڪ ۾ 77 هزار 573 ڪورونا ايڪٽو ڪيسز آهن. گذري?? 24 ??لاڪن دوران ٿيندڙ ٽيسٽن ۾ سنڌ جا 9972، پنجاب جا 7175، خيبرپختونخواهه جا 1575، اسلام آباد جا 2333، بلوچستا?? جا 305، گلگت بلتستا?? جا 69 ۽ آزاد ڪشمير جا 320 ٽيسٽ شامل آهن.