اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي بلوچستان سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ??ظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب هن متاثرين سان يڪجهتي جو ??ظهار ڪندي چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ انهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. سينيٽ چيئرمين وفا??ي ۽ صوبائي حڪومتن تي زور ڏنو ته بي گهر ٿيندڙ ماڻهن جي مدد لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ۽ جن علائقن جو ??ابطو ملڪ جي ٻين حصن سان ڪٽجي ويو آهي انهن جي بحالي لاءِ مناسب قدم کنيا وڃن.