اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??اهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ ۾ تعميرات سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دستياب موقعن مان ڀرپور ??ائ??و کڻن، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي روشن ڊجيٽل اڪائونٽ سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ آساني ٿيندي، وڏن منصوبن ۾ اوورسيز پاڪستانين جي شموليت يقيني بڻائينداسين، تعميرات جي شعبي جي فروغ سان ٻين صنعتن کي فروغ ملندو، ملڪ ۾ معاشي سرگرمين جي فروغ سان ملڪي معيشت مستحڪم ٿيندي، ڪاروبار ۾ آساني سان گڏوگڏ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين لاءِ ??وشن ڊجيٽل اڪائونٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ??اهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جو اثاثو آهن، روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت فراهم ڪرڻ طرف پهريون قدم آهي، ان سان ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ٻين مقصدن لاءِ ??قم موڪلڻ ۾ آساني ٿيندي، هن چيو ته ??اهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني مهمند ۽ ڀاشا ڊيمن، ايم ايل ون سميت ٻين وڏن منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا.