اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ضروري شين جي دستيابي ۽ قيمتن جو تعين صوبائي اختيار آهي، پر غريب عوام جي سهولت کي نظر ۾ رکندي هو پاڻ ان ??عاملي جي نگراني ڪري رهيا آهن، حڪومت جي هر ممڪن ڪوشش آهي ته عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي، اهو ضروري شين جي دستيابي ۽ قيمت?? تي ڪنٽرول جي حوالي سان کنيل قدمن بابت جائزي اجلاس جي صد??رت ڪري رهيو هو، وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪڻڪ ۽ کنڊ جي صوبي ۾ دستيابي ۽ قيمتن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اٽي جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضلعي انتظاميه جا آفيسر مسلسل مانيٽرنگ ڪري رهيا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته فلور ملز مالڪن سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي آهي.