اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته فنڪار ملڪ جو مثبت تاثر اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن، فنڪارن جي ڀلائي ۽ وقت سر مالي مدد لاءِ ??قم جي فوري فراهمي يقيني بڻائي وڃي، فنڪارن کي مالي امداد جي فراهمي جي لاءِ ??هليت جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي ض??ورت آهي. هو آرٽسٽ ويلفيئر فنڊ جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي 11 هين اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير شفقت محمود، قومي ورثي ۽ ثقافت واري سيڪريٽري نوشين جاويد امجد ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيراه شاهد ۽ ڪميٽي جي ٻين ميمب??ن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته فنڪارن جي ڀلائي ۽ وقت سر مالي امداد لاءِ ??قم جي فوري فراهمي يقيني بڻائي وڃي، فنڪارن کي مالي امداد جي فراهمي لاءِ ??هليت جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي ض??ورت آهي.