حيدر??با?? – 19 جون (اي پي پي) ضلعي انتظاميا حيدر??با?? پاران حيدر??با?? ڪلب قاسم ??با?? ۾ هڪ ڏينهن وارو ورچوئل مينگو شو منعقد ڪيو ويو. مينگو شو ۾ 20 ??ان وڌيڪ اسٽا?? لڳايا ويا جتي سنڌڙي، سنهري، سونارو، لال بادشاهه، بيگن پالي، زافران، انور رٽول ، آبوسي، زردالو، پتاشو، رتم گولو، ڪاروديسي، جامن، انوکا سردا، لنگڙو، دسهري ??ان علاوه 100 ??ان وڌيڪ مختلف قسمن جا انب نمائش ۾ رکيا ويا. واضح رهي ته ڊپٽي ڪمشنر حيدر??با?? فواد غفار سومرو جي فيس بڪ پيج تان پڻ مينگو شو سڌو سنئون ڏسڻ لاءِ انتظام ڪيو ويو هو. ورچوئل مينگو شو دوران آن لائن خصوصي طور خطاب ڪند?? ڊويزنل ڪمشنر حيدر??با?? محمد عباس بلوچ ضلعي انتظاميا حيدر??با?? جي سٿ کي بهترين مينگو شو منعقد ڪرڻ تي سندن واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته مينگو شو منعقد ڪرڻ جو مقصد انبن جي مختلف قسمن کي متعارف ڪرائڻ آهي ۽ موجوده ڪورونا جي وبائي صورتحال جي ڪري ورچوئل پروگرام منعقد ڪيو ويو آهي ته جيئن روايت کي برقرار رکي سگهجي ۽ انبن جي مختلف قسمن کي متعارف ڪرائي وڌيڪ ناڻو ڪمائي سگهجي.