اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڏين صنعتن جي فعال ٿي?? سان هنرمند افرادي قوت جي لاءِ روزگار جا مو??عا پيدا ٿيندا. وزيراعظم عمران خان سان عقيل ڪريم ڍيڍي ملاقات ڪئي ۽ ملڪ جي مجموعي اقتصادي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت فياض ترين پڻ ان مو??عي تي موجود ??و. ??زيراعظم عمران خان چيو ته اسان ملڪ ۾ معاشي استحڪام تي خاص ڌيان ڏنو آهي، ڪوويڊ 19 جي باوجود حڪومت وچ??لي کان ڊگهي مدي وارن اقتصادي سڌارن طرف ڪاميابي سان گامزن آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ اسان جي اقتصادي صورتحال مستحڪم ٿي آهي. وزيراعظم لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ سيڪٽر جي ترقي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ان سان هنرمند افرادي قوت جي لاءِ روزگار جا مو??عا پيدا ٿيندا. عقيل ڪريم ڍيڍي ملڪ ۾ معاشي بحالي جي لاءِ حڪومتي قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته انهن قدمن سان ملڪ جي اقتصادي ۽ صنعتي ترقي تي ڏورس مثبت اثر پوندا.