اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڄ سڀ کان ??ڏو چئلينج قائداعظم محمد علي جناح جي پ??ڪس??ان کي واپس آڻڻ آهي، قائداعظم ۽ علامه اقبال هڪ اهڙي رياست جو ??يام چاهيندا هئا جتي اسلام کي مڃيندڙ ۽ اقليتون آزادي سان زندگي گذاري سگهن. وزيراعظم عمران خان انهي پ??ڪس??ان جي ڳالهه ڪندو آهي، جنهن جو خواب قائداعظم محمد علي جناح ڏٺو هو، اها ڳالهه هن قائداعظم محمد علي جناح جي حوالي سان تصويري نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جو ??يغام واضح آهي، هندستان ۽ بنگلاديش جا ڪيترائي ليکڪ قائداعظم جي باري ۾ ڪنفوزن جو شڪار آهن، هن چيو ته جهڙي طرح جو ????ڪس??ان قائداعظم چاهي رهيو هو هن پنهنجي ٽن وڏين تقريرن ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو، قائداعظم ۽ علامه اقبال ماڊرن ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ اڳواڻ هئا، ننڍي کنڊ جي مسلم قيادت ڄاڻي چڪي هئي ته مستقبل ۾ مسلمانن ۽ ٻين اقليتن سان ڪهڙو سلوڪ ٿيندو، هن چيو ته علامه اقبال گهڻو پهرين ڏسي ڇڏيو هو ته مسلمانن کي ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون، قائداعظم هندستان جي سياست ڏسي پ??ڪس??ان ٺاهڻ جو ??يصلو ڪيو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پ??ڪس??ان ۾ سيالڪوٽ واقعي تي پوري پ??ڪس??اني قوم متحد ٿي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي، هندستان ۾ اهڙا واقعا روز جو ??عمول آهن، اڄ ڀارت ۾ مسيحي برادري ۽ مسلمانن سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو دنياجي سامهون آهي، نريندر مودي ۽ بي جي پي اقليتن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته نريندر مودي جي حڪومت جي تحت اڄ ڀارت زوال جو شڪار آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پ??ڪس??ان جي قيام جو ??قصد اقليتن جي حقن کي تحفظ ڏيڻ هو، پ??ڪس??ان ان خطي جي روشن اميد آهي، قائداعظم پنهنجي پيغام ۾ واضح هيو، ان جي ان پيغام کي حاصل ڪرڻ ئي سڀ کان وڏي جنگ آهي، هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي جنم ڏينهن جي موقعي ??ي تصويري نمائش جو انعقاد خوش آئنده آهي، اسان کي قائداعظم جي پيغام کي عام ماڻهو تائين پهچائڻ جي تحريڪ شروع ڪرڻي پوندي، وفاقي وزير قائداعظم جو جنم ڏينهن شاندار طر??قي سان ملهائڻ، اسلام آباد ۾ آتش بازي ۽ رنگ ونور جي محفل جي انعقاد تي سمورن منتظمين کي مبارڪباد پيش ڪئي.