اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) آزادي ڪشمير تحريڪ جي حوالي سان مظفرآباد ۾ خصوصي ڄمون ۽ ڪشمير موومينٽ تعمير ڪيو ويو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي آزاد ڪشمير جي گادي و??ري شهر ۾ يادگار شهداءِ جو افتتاح ڪيو. ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي يادگار شهداءِ جي افتتاحي تقريب جو خاص مهمان صدر ڊاڪٽر عارف علوي هو جڏهن ته تقريب ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري، ??زي????عظ?? سردار عبدالقيوم نيازي، پارلياماني ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين ش??ريار خان آفريدي، اپ??زي??ن اڳواڻ ۽ آزاد ڪشمير جي اڳوڻن ??زي????عظ??ن سردار عتيق احمد خان، سردار يعقوب خان، پاڪستان پيپلزپارٽي جي صدر چوڌري لطيف اڪبر سميت وفاقي ??زي??ن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. يادگار تي ڪشمير شهداءِ جا نالا لکيل آهن ۽ شهيدن جي قربانين کي بهتر انداز ۾ اجاگر ڪيو ويو آهي، يادگار شهداءِ تحريڪ آزادي ڪشمير جي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ تعمير ڪئي وئي آهي، يادگار جي ڀرپاسي گيلري ۾ والاريل ڪشمير جي حالتن جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي تقريب ۾ ڪشميري لوڪ گيت پڻ پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي صدر کي يادگار شهداءِ جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ڀارتي جارحيت ۽ والاريل ڪشمير ۾ ج??ري گهيراءُ کي اڄ 915 ڏينهن ٿي چڪا آهن. آزادي ڪشمير تحريڪ جي حوالي سان مظفرآباد ۾ هڪ خصوصي ڄمون ۽ ڪشمير موومينٽ ٺاهيو ويو آهي. اهو موومينٽ ڪشميرين جي لازوال آزادي جي جدوجهد ۽ قربانين جو استعاره آهي. ان موومينٽ کي محمد فاروق ڊيزائن ڪيو آهي جنهن جو تعلق ??زي??ستان سان آهي، هي موومينٽ تلوچي پارڪ مظفرآباد ڪوهالا روڊ تي آهي.