راولپنڊي – 04 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آهي ته آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم 24 سالن کانپوءِ پاڪستان آئي ??هي، ملڪ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي خوش آئند آهي، اسان جي اپوزيشن سدائين عوام جي خلاف بيهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيم ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ مئچ شروع ٿيڻ تي ڪيو. وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان گڏ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو دورو ڪيو ۽ ر??نديگرن سان ملي خوشي جو اظهار ڪيو. هن ان موقعي تي چيو ته اپوزيشن ان فٽ آهي، مئچ نه کيڏي سگهندي، لانگ ۽ شارٽ مارچ ڪندڙن کي به چوندس ته پنهنجي گاڏي پ??ڙين ۽ جلدي سان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ڏسڻ ا??ن، انهن کي فري پاس ڏينداسين، انهن کي به عام ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي اهو چوڻ جي قابل ٿين ته اهي به عام ماڻهن سان گڏ بيٺل آهن، اسان هر ڀيري ڏسندا آهيون ته ڀلي اهو پئسو ڦرڻ جو معاملو هجي، گورننس جو معاملو هجي يا راندين جو اسان جي اپوزيشن سدائين عوام جي خلاف ئي ??يٺل هوندي آهي ۽ هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ بحال ٿي رهي آهي ايترو وڏو ايونٽ ٿي رهيو آهي، اپوزيشن جو اهو ئي ??ويو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته مخالف ڌر جي قيادت کي چوندس ته انهن کي هڪ فري باڪس ڏينداسين ۽ اهي چار ڏينهن آرام سان مئچ ڏسن ۽ ان کانپوءِ پنهنجي اسٽريٽجي ٺاهين ڇو ته ماڻهو ته انهن جا پورا نه ٿي رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته اسان چاهيون ٿا ته انڊين ڪرڪيٽ ٽيم به هتي اچي، پاڪستان ۾ زبردست مئچز ٿيڻ گهرجن ۽ بجاءِ ان جي ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کي روڪيو وڃي اسان کي پاڪستان ۽ انڊيا جي ڪرڪيٽ کي سپورٽ ڪرڻ ۽ ر??ندين کي فروغ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته منهنجو اهو مڃڻ آهي ته ڀارت ۾ به اهڙا آواز هوندا جيڪي شدت پسندي کي رد ڪن ٿا. ان موقعي تي وفاقي وز??ر ڪرڪيٽ جي بحالي تي پي سي بي، سي اي، آءِ سي سي عملدارن جا ٿورا مڃيا. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل پڻ رانديگرن سان ملاقات ڪئي ۽ ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي تي خوشي جو اظهار ڪيو.