اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌر?? فواد حسين ??يو آهي ته 23 مارچ جو ڏينهن اسان جي تاريخ ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، قرارداد لاهور ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي عظيم مقصد جي لاءِ متحد ڪيو، قائداعظم محمد علي جناح، علامه اقبال ۽ تحريڪ آزادي جي اڳواڻن جي قربانين سان پاڪستان حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ٿي. پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پي??ام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جو راز جمهوريت ۾ لڪل آهي، جمهوري روايتن سان رواداري، هم آهنگي ۽ برداشت کي هٿي ملندي. چوڌر?? فواد حسين ??يو ته پاڪستاني معيشت ترقي جي راهه تي گامزن آهي جڏهن ته اسان ان وچن کي ورجائڻو پ??ندو ته اسان بزرگن جي نقش قدم تي هلندي پاڪستان کي عظيم تر ملڪ بڻائينداسين. هن ??يو ته هلندڙ سال 75 هين سالگرهه جي موقعي تي اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جو انعقاد مسلمان دنيا ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار جو واضح اظهار آهي. دعا آهي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪري.