اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اليڪشن ترميمي بل بنا صحيحن جي واپس ڪري ڇڏيو. اي??ان صدر پريس ونگ پاران جاري تفصيل موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته آئون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ اوورسيز پاڪستانين جي ووٽنگ جي معاملي سان هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي کان ڳنڍيل رهيو آهيان ۽ سمورين حڪومتن، پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ان جي پيروي ڪندو رهيو آهيان، آئون آئين جي پاسداري ڪندو رهيو آهيان ۽ مون کي ان ڳالهه جو ادراڪ آهي ته آئين پاڪستان منهنجي ان بل تي صحيحون نه ڪرڻ جي باوجود ان کي قانون جي شڪل ڏئي ڇڏيندو. صدر پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 75 (2) جو حوالو ڏنو جنهن ۾ چي?? ويو آهي ته صدر جي مجلس شوريٰ (پارليامينٽ) کي بل واپس ڪرڻ تي مجلس شوريٰ (پارليامينٽ) گڏيل اجلاس ۾ ان تي ٻيهر غور ڪندي. ۽ جيڪڏهن اهو مجلس شوريٰ (پارليامينٽ) جي ذريعي ترميم سان گڏ يا ان کانسواءِ اڪثريت جي ووٽن سان ٻيهر منظور ڪيو وڃي ٿو، ته ان کي صدر آڏو پيش ڪيو ويندو ۽ صدر 10 ڏينهن جي اندر پنهنجي منظوري ڏيندو، ائين نه ڪرڻ جي صورت ۾ ان بل جي منظوري تصور ڪئي ويندي. صدر خيالن جو اظهار ڪندي چي?? ته بحيثيت صدر پاڪستان مجلس شوريٰ جي منظور ڪيل بل تي صحيحون نه ڪرڻ منهنجي لاءِ ذاتي طور تي هڪ تڪليف ڏيندڙ ڳالهه آهي. ان لاءِ آئون ايندڙ نسلن جي لاءِ پنهنجا دليل ۽ خيال قلمبند ڪرڻ چاهيان ٿو. سبب ٻڌائيندي صدر چي?? ته قانونن جي رجعت پسنداڻي نوعيت، جنهن جي هن ان وقت نشاندهي ڪئي هئي جڏهن هن ان بل کي پارليامينٽ ڏانهن واپس موڪليو هو، ان کانسواءِ ان ڳالهه تي پڪو يقين رکان ٿو ته ٽيڪنالاجي خاص طور تي اي وي ايم کي جڏهن موثر طور تي استعمال ڪيو وڃي ٿو ته ان ۾ ڪيترن ئي مسئلن جو حل موجود آهي ج??ڪي روايتي طريقن ۾ درپيش اچن ٿا. ٽيڪنالاجي سدائين کان تڪراري ۽ چئلينج شده چونڊ عمل ۾ ابهام، اختلاف ۽ الزامن کي گهٽ ڪري سگه?? ٿي. هن وڌيڪ چي?? ته ٽيڪنالاجي جو استعمال چونڊ عمل ۾ شفافيت آڻڻ، چونڊ مرحلي ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي شرڪت، سياسي اعتماد جي فضا قائم ڪرڻ ۽ ورڇ جي عمل کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چي?? ته هي قدم آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊن جي اسان جي هيستائين جي اڌوري خواب کي پورو ڪري سگهي ٿو. صدر چي?? ته آئون چاهيان ٿو ته پاڪستان مستقبل ۾ تيزي سان ڪاميابي طرف وڌي، اڄ جي مسئلن کي رڳو ماضي جي تجربن جي روشني ۾ ئي حل نه ڪرڻ گهرجي پر جديد ۽ نئين سائنسي طريقن کي به استعمال ۾ آڻڻ گهرجي. مون کي ان ڳالهه جو پورو ادراڪ آهي ته اهو پارليامينٽ جي ٻنهي طرفن ۾ اعتمادي سازي جي فروغ ۽ حصيدارن جي وسيع تر شموليت کانسواءِ ممڪن نه ٿو ٿي سگهي. هن وڌيڪ چي?? ته ائين هيستائين ڇو ناه?? ٿيو ۽ راءِ سازن ۽ فيصلا سازن پاران ان عام فهم شيءَ کي نظرانداز ڇو ڪيو ويو، اهو منهنجي لاءِ معمو رهندو. صدر چي?? ته موجوده ۽ مستقبل جي حڪومتن ۽ پارليامينٽن کي ٻن شين جي چونڊ ڪرڻي پوندي، پهرين اها ته ماضي کي اجازت ڏني وڃي هو پاڪستان کي پستي طرف وٺي وڃي يا پوءِ ماضي جي تجربن ۽ اڄ جي ٽيڪنالاجيز کي استعمال ۾ آڻيندي اسان پاڪستان جي روشن، ترقي پسند ۽ متحرڪ مستقبل جو خواب شرمنده تعبير ڪري سگهون. هن وڌيڪ چي?? ته اهڙي طرح جي ڪيترن ئي مشڪل فيصلن کي اسان کي مستقبل ۾ به منهن ڏيڻو پوندو. تاريخ گواهه آهي ته ج??ڪي قومون صحيح فيصلا ڪن ٿيون اهي ترقي جون منزلون تيزي سان طئي ڪن ٿيون ۽ ج??ڪي ائين نه ٿيون ڪن اهي موقعا ضايع ڪن ٿيون ج??ڪي انهن کي بلندي ۽ ڪاميابي طرف وٺي وڃي سگهن.