اسلام آباد – 29 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قومن جي تعمير ۾ ادا??ن جو ڪردار اهم آهي، ٽيڪنالاجي کي ??اصل ڪرڻ جديد علم تائين پهچڻ جو ذريعو آهي، علم کي ??اصل ڪرڻ جي گهرج تيزي سان وڌي رهي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار فيصل ايئر بيس ڪراچي ۾ 35 هين ايئر وار ڪورس جي گريجوئيشن تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته دنيا جو هر مسئ??و مشاورت سان حل ٿي سگهي ٿو، عزم ۽ جذبي سان قومون ٺهنديون آهن، افرادي قوت قومي ترقي جي سيڙهي آهي. هن چيو ته جمهوريت جون علمبردار قومون پناهگي??ن جي معاملي ۾ غيرسنجيده آهن، تعصب کان مٿانهون ٿي ترقي جون منزلون طئي ڪري سگهجن ??يو??، مسلمان امت اخلاقي قدرن تي يقين رکي ٿي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي ??نا ڪنهن رنگ، نسل جي فرق کانسواءِ مظلومن جي حمايت جاري رکڻي پوندي. ترقي کي ??اصل ڪرڻ ۾ انسانيت جو په??و مٿانهون هجڻ گهرجي. هن چيو ته قومون حادثاتي طور تي ترقي ناهن ڪنديون، ان جي لاءِ ڊگهي جدوجهد لازمي آهي. مصن??عي ذهانت جهڙي علم سان هم آهنگ ٿيڻ وقت جي ضرورت آهي. تقريب دوران صدر گريجوئيٽ ٿيندڙ آفيسرن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا. گريجوئيٽ ٿيندڙن ۾ 70 آفيسر ۽ دوست ملڪن جا 18 آفيسر شامل آهن جن ۾ سعودي عرب، بنگلاديش، سريلنڪا، انڊونيشيا، ملائيشيا، شام ۽ يمن جا به آفيسر شامل آهن.