اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي خص??صي هدايتن تي جشن آزادي جي 75 سالا تقريبن جي ??اء?? اسلام آباد ڪيپيٽل پوليس پهر??ون ڀيرو سمورن صوبن جي پوليس کي گهرايو آهي. سمورا صوبائي پوليس جا دستا آزادي ڏهاڙي جي خص??صي تقريبن ۾ حصو وٺندا. پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي کي شاندار طريقي سان ملهايو ويندو. سمورن صوبن مان پوليس جا خص??صي دستا ۽ بينڊ بشمول پنجاب ۽ خي??رپ??تونخواهه مان اسلام آباد پهچي ويا آهن. 13 ۽ 14 آگسٽ تي عوامي جاين تي فليگ مارچ ڪيو ويندو. مارچ ۾ سمورن صوبن جا پوليس بينڊ قومي نغمن جون ڌُنون وکيريندا. اهي تقريبون صوبائي هم آهنگي ۽ قومي يڪجهتي جو اظهار هونديون. جشن آزادي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ آزادي جي ??اء?? قرباني ڏيندڙن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو.