ڪابڪوچ – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي دوري ۾ ٻوڏ کان متاثر عل??ئقن جي ??اءِ 3 ارب رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو، ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن جي ??ونيئرن کي 10 لک رپيا في خاندان ڏنا ويندا. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽري کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ جي ??دايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف گلگت بتلستان جي ??وڏ متاثر عل??ئقن جو دورو ڪيو، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ وزيراعظم جو پبلڪپاليسي/ اسٽريٽجڪ ڪميونيڪشن وارو خاص معاون فهد حسين پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم کي گلگت بلتستان حڪومت ۽ غذر جي ضلعي انتظاميا پاران بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ کانپوءِ مجموعي طور تي 10000 ڪينال زرعي زمين متاثر ٿي، 1000 کان وڌيڪ گهرن کي جزوي يا مڪمل طور تي نقصان پهتو. درجنين پليون، سوين واٽر سپلائي لائينون ۽ واٽر چينلز تباهه ٿيا. ان کانسواءِ ٻوڏ جي ڪري سوين ڪلوميٽر رستي جو بنيادي ڍانچو پڻ تباهه ٿي چڪو آهي. بريفنگ ۽ صورتحال جو جائزو وٺڻ کانپوءِ وزيراعظم اعلان ڪيو ته گلگت بلتستان ۾ ٻوڏ کان متاثر عل??ئقن ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ??اءِ 3 ارب رپيا ڏنا ويندا. وزيراعظم پاران ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن جي ??ونئيرن کي 10 لک رپيا في خاندان ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. وزيراعظم غذر ضلعي جي ڳوٺ بوبر جي ??وڏ متاثرين سان ملاقات ڪئي. بوبر ڳوٺ جا 17 ماڻهو ٻوڏ ۾ فوت ٿيا. ڳوٺ بوبر جي ??وڏ متاثرين ۾ خصوصي صلاحيتون رکندڙ ٻارڙي پڻ شامل هئي جنهن جي خاندان جا ڪيترائي ماڻهو ٻوڏ ۾ وهي وڃڻ ڪر?? فوت ٿي ويا. وزيراعظم ٻارڙي سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ان جي عل??ج جي ??اءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ جي ??دايت ڪندي ان جي ??اءِ 50 لک رپين جو اعلان ۽ ان جي ??الي تي اينڊومنٽ فنڊ قائم ڪرڻ جي ??دايت پڻ ڪئي. وزيراعظم جي ??دايت تي ٻوڏ کان متاثر 10 يونين ڪائونسلز جي ??تاثر خاندانن کي 25000 رپيا في خاندان ڏنا ويندا. وزيراعظم عذر ضلعي جي ??وڏ جي ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ڳوٺ بوبر جي ??اءِ 100 ملين رپيا فنڊ ۽ وفاقي گرانٽ جي ذريعي ڳوٺ بوبر جي ??اءِ 5 ڪلوميٽر پڪي رستي جي تعمير جو اعلان پڻ ڪيو. ان کانسواءِ وزيراعظم نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي غذر ضلعي ۾ 6 تباهه ٿيل پلين جي تعمير ۾ مدد جي ??دايت پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين ۽ گلگت بلتستان جو چيف سيڪريٽري گڏجي ??وري طور تي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان جو ڪاٿو لڳائين.