اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين جي ڏکڻ اولهندي صوبي سيچوان ۾ ??لز??ي ۾ قيمتي جاني ۽ مالي نقصان ت?? چيني قيادت سان افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني حڪومت ۽ ع??ام چين جي حڪومت ۽ ع??ام سان گڏ بيٺل آهي. چين تازي ٻوڏ سميت هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته چين جي صوبي سيچوان ۾ تباهي آڻيندڙ ??لز??ي جو ٻڌي تمام گهڻو ڏک ۽ افسوس ٿيو، ??لز??ي جي نتيجي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيون ۽ ملڪيتون تباهه ٿيون، پاڪستاني ع??ام ۽ پنهنجي پاران چيني قيادت سان دلي تعزيت ۽ سيچوان جي ع??ام سان دلي همدردي جو اظهار ڪريان ٿو. هن پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙ سمورن چيني خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر سمورن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن اميد ظاهر ڪئي ته گم ٿيل ماڻهو جلد کان جلد پنهنجي گهرڀاتين سان گڏجي ويندا. صدر اها به اميد ظاهر ڪئي ته ??لز??ي سٽيل علائقن جا ماڻهو جلد پنهنجا گهر ٻيهر تعمير ??ري معمول جي زندگي شروع ڪري ڇڏيندا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته کيس پورو يقين آهي ته چيني قيادت ۽ ع??ام پنهنجي ثابت ٿيل صلاحيتن ۽ استقلال سان ان قدرتي آفت سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکن ٿا. هن چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني ع??ام ۽ پاڪستان حڪومت چيني ع??ام ۽ چين جي حڪومت سان گڏ بيٺل آهي، چيني ع??ام به پاڪستاني ٻوڏ جي متاثرين سان گڏ بيٺي، ماضي ۾ به چيني ع??ام ۽ حڪومت قدرتي ۽ ٻين آفتن دوران اسان سان گڏ بيٺل رهيا.