اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سيالڪوٽ سان تعلق رکندڙ واپارين ۽ صنعتڪارن جي هڪ وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ پرائم منسٽر ريليف فنڊ لاءِ چيڪ پي?? ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيا?? موجب ملاقات ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف پڻ موجود هو. وفد ۾ سيالڪوٽ انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو چيئرمين خواجه مسعود اختر، سيالڪوٽ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو صدر ميان عمران اڪبر، الغازي ٽريڪٽرز جو سي اي او ملڪ احتشام اڪرام ۽ ٻيا صنعتڪار ۽ واپ??ري شامل هئا. وفد ٻوڏ متاثرين جي لاءِ وڏي رقم جو عطيو وزيراعظم کي پي?? ڪيو. وفد پاران راشن ۽ ٻين ضرورت جي شين جي صورت ۾ امدادي سامان پڻ ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ عطيو ڪيو ويو. وفد وزيراعظم کي ٻڌايو ته سيالڪوٽ جي واپ??ري برادري متاثر علائقن جي ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ جي حڪمت عملي پڻ ٺاهي آهي ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ گهرن جي تعمير جي لاءِ پڻ سيالڪوٽ جي واپ??ري برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. وزيراعظم وفد پاران عطيي کي ساراهيندي چيو ته هن آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر طبقي جي ماڻهن کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ ان ڏس ۾ خاص طور تي واپارين ۽ صنعتڪارن جو تمام اهم ڪردار آهي. هن چيو ته ٻوڏ جي ڪري تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، قيمتي انساني جانين کانسواءِ ٻوڏ پاڻ سان گڏ فصلن، چوپائي مال ۽ مواصلاتي انفراسٽرڪچر کي پڻ وهائي ويو. هن چيو ته وفاقي حڪومت پاران ٻوڏ سٽيلن کي في خاندان 25 هزار رپيا انتهائي شفاف طريقيڪار جي ذريعي ڏنا پي?? وڃن ۽ ان مد ۾ وفاقي حڪومت 70 ارب رپين جي رقم رکي آهي.