اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي بي مثال آهي، چين هر اندروني ۽ ٻاهرئين محاذ تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد جي لاءِ موجود رهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن اوورسيز جي وفد اسلام آباد ۾ مل??قا?? ڪئي. وفد جي قيادت چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن اوورسيز جي صدر زانگ گيوليانگ ڪئي. ملاق??ت دوران وزيراعظم چيو ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي بي مثال آهي، چين هر اندروني ۽ ٻاهرئين محاذ تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ موجود رهيو آهي. هن چيو ته تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو مقابلو ڪرڻ ۽ ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ جاري ڪمن ۾ چين پاڪستان جي تمام گهڻي مدد ڪئي. چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن اوورسيز پاران ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ هڪ وڏي رقم جو چيڪ پڻ وزيراعظم جي فلڊ ري??يف فنڊ جي لاءِ پيش ڪيو ويو. مل??قا?? ۾ پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم جا خاص معاونين طارق فاطمي، ظفرالدين محمود ۽ پاڪستان ۾ چين جو ??في?? نونگ رونگ پڻ ??ريڪ ٿيا.