اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ جي اڳوڻي ڪنوينر محمد فاروق رحماني چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع حقيقت ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي جڏهن ڀارت ڀارت جي و??ڇ جي منصوبي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي خ??دم??تياري جي سراسر خلاف ورزي ڪندي جعلي الحاق جي آڙ ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي فوج چاڙهي هئي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب محمد فاروق رحماني اسلام آباد مان جاري هڪ بيان ۾ چيو ته 27 آڪٽوبر ک?? ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ۽ آئيني ضمانتن جي منسوخي جي خلاف مزاحمت جي پس منظر ۾ پوري و??لاريل علائقي ۾ ڪاري ڏينهن طور ملهايو ويندو. هن چيو ته ڀارت والاريل علائقي مان فوجي انخلا کان انڪار ڪري گڏيل قومن جي ريفرنڊم جي منصوبي تي عملدرآمد ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون آهن. گذريل ٽن سالن دوران بي جي پي ??ي هندوتوا حڪومت والارل علائقي جي مسلم اڪثريتي سڃاڻپ کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ وڏ?? ڀارتي قانونن جي دائري کي ڪشمير تائين سگهه ڏئي ڇڏي آهي. صحافت جي آزادي، اظهار راءِ جي آزادي ۽ انٽرنيٽ سميت سمورين آزادين ۽ بنيادي حقن تي پابندي لاڳو آهي جڏهن ته هزارين ڪشميري جيلن ۾ قي?? آهن ۽ حريت اڳواڻن کي حراست دوران شهيد ڪيو پيو وڃي.