اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪست??ن ڪرڪيٽ بورڊ جي عبوري مئنيجمينت ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي جي ڪوششن کي ساراهيندي ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ سخت محنت ۽ جذبي س??ن ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪست??ن ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي عبوري مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي ملاقات ڪئي. نجم سيٺي وزيراعظم کي پاڪستان ۾ اداراجاتي (Departmental) ڪرڪيٽ جي بحالي ۽ فيبروري ۾ شروع ٿيندڙ پي ايس ايل ايڊيشن 8 جي ڪامياب انعقاد جي لاءِ کنيل قدمن بابت تفصيلي آگاهه ڪيو. وزيراعظم ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ جي لاءِ نجم سيٺي جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ کيس ان سلسلي ۾ سخت محنت ۽ ڀرپُور جذبي س??ن ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي.