اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف فوج ۽ ان جي سربراهه جي خل??ف ٻاهرئين ملڪ غليظ مهم جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته آرمي چيف جي خل??ف مهم ناقابل برداشت ۽ ادارن جي خل??ف سازش جو تسلسل آهي، ٻاهرئين ملڪ محب وطن پاڪستاني فارن فنڊ مهم جي خل??ف آواز اٿارين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي ذريعي زهريلي سياست کي ڦهلايو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني ان سازش جو حصو نه بڻجن، عمران خان ادارن ۽ ان جي سربراهن کي پنهنجي گندي سياست ۾ گهلي آئين شڪني ??ري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته وفاقي گهرو وزير ملڪ جي اندر ادارن جي خل??ف غليظ مهم هلائيندڙن کي سختي سان منهن ڏي. پاڪستان ۾ افراتفري، فساد ۽ بغاوت کي هوا ڏيندڙن جي خل??ف سخت قانوني ??ارروائي ڪئي وڃي، ميرٽ تي مقرر ٿيندڙ آرمي چيف جي خل??ف مهم ملڪ دشمنن جي ايجنڊا ئي ٿي سگهي ٿي، قوم پنهنجي ادارن سان گڏ آهي، شرپسندن جي خل??ف متحد آهي.