اسلام آباد – 05– اپريل (اي پي پي) ملائيشيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر آمنه بلوچ کي بيلجيئم، لڪمسبرگ ۽ يورپي يونين ۾ پاڪستان جي سفير مقرر ڪيو ويو آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. آمنه بلوچ فارن سروس جي سينيئر آفيسر آهي ۽ وس??ع سفارتي تجربو ر??ي ٿ??. ه?? ڊينمارڪ، سريلنڪا، چين ۽ ملائيشيا ۾ پاڪستاني مشن?? ۾ ??دمتون سرانجام ڏئي چڪي آهي. پنهنجي موج??ده ذميواري کان اڳ هن چين جي شهر چينگڊو ۾ قونصل جنرل طور خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اميد آهي ته آمنه بلوچ جلد نيون ذميواريون سنڀاليندي.