ثمرقند – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي ??عا??لن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ازبڪس??ان جي شهر ثمرقند ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اها ملاقات افغانس??ان جي پاڙيسري ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي چوٿين اجلاس جي موقعي تي ٿي. پرڏيهي ??عا??لن واري مملڪتي وزير ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار ۽ معيشت، توانائي، سلامتي ۽ علائقائي رابطن ۾ پاڪس??ان ۽ ايران جي ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي پاڪس??ان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وزيرن چيو ته پاڪس??ان ۽ ايران جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تع??ون ۾ وسيع گنجائش موجود آهي. هن مختلف اداراجاتي مڪينزم جي ذريعي نئين شعبن جي نشاندهي ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. هن پولان – گبد/ گوادر بجلي ٽرانسميشن لائين کي مڪمل ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪا ٻنهي ملڪن جي سرحدي علائقي جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪندي. مملڪتي وزير حنا رباني کر سرحدي علائقي جي ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اضافي جي لاءِ سرحدي بازارن کي تيز ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ مملڪتي وزير حنا رباني کر افغانس??ان سميت علائقائي ۽ عالمي اهميت جي ??عا??لن تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.