لاهور- 22 – اپريل (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صد?? رجب طيب اردوان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ترڪيه جي حڪومت، قيادت ۽ عوام کي عيدالفطر جون مبارڪون ڏنيون. وز??را??ظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق وز??را??ظم ترڪيه ۾ 6 ??يب??وري جي زلزلي جي متاثرن لاءِ به دعا ڪئي ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي دوران ترڪيه سان گڏ بيهڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صد?? اردوان وز??را??ظم جي عيد مبارڪ جو گرمجوشي سان جواب ڏنو ۽ پاڪستاني عوام لاءِ پنهنجي خصوصي ڀائراڻي جذبن ۽ پيار جو اظهار ڪيو. ترڪ صد?? زلزلي دوران مشڪل جي گهڙي ۾ ساڻن گڏ بيهڻ تي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پيغام ڏنو ته هو پ??ڪستان جي امداد کي ڪڏهن به نه وساريندا. ترڪ صد?? زلزلي کانپو??ِ وز??را??ظم جي ترڪيه جي دوري کي به ساراهيندي چيو ته پاڪستان جيڪو قيادت جو مظاهرو ڪيو اهو سدائين ياد رکنداسين. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ڀائرن ملڪن وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، معيشت، غذائي تحفظ ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن سمورن اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي هڪٻئي سان ويجهي رابطي ۾ رهڻ جي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو. وز??را??ظم صد?? اردوان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو.