اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بيلاروس سا?? اقتصادي، زرعي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تعليم، ثقافت ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان بيلاروس سا?? پنهنجي خوشگوار ۽ گهڻ ??خي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سا?? ڏسي ٿو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سا?? لاهور ۾ بيلاروس جي پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف بيلاروس جي پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ وزيراعظم کي صدر لوڪا شينڪو جو ??با??ڪباد وارو پيغام پهچايو جنهن ۾ چيو ويو ته بيلاروس پاڪستان کي خطي جو هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ان جي ڪوششن کي ساراهي ٿو. وزيراعظم بيلاروس جي پرڏيهي وزير کي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کان پڻ آگاهه ڪيو. پاڪستان ۽ بيلاروس جي 2024ع ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 30 هين سا??گرهه جي ڏس ۾ وزيراعظم مسلسل اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا ۽ ٻين سرگ??مي?? جي آجيان ڪئي. ان سلسلي ۾ هن ??يلاروس جي صدر کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو.