لاهور – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشي صورتحال جي بهتري جا هدف گڏيل ڪوششن سان حاصل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام جي نقطن تي هم آه??گي ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ آءِ ايم ايف جي فيصلي جي شڪل اختيار ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??ار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ??ائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا کي صبح سوير ٽيليفون ڪئي. وزيراعظم ۽ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ??ائريڪٽر آءِ ايم ايف پروگرام جي حوالي سان معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ??ائريڪٽر وزيراعظم سان پيرس ۾ ٿيندڙ ملاقاتن جي ڏس ۾ ناڻي واري وزير ۽ ان جي ٽيم جي آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان ڪوششن جو اعتراف ڪيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته آءِ ايم ايف پروگرام جي نقطن تي هم آه??گي ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ آءِ ايم ايف جي فيصلي جي شڪل اختيار ڪندي. وزيراعظم معاشي صورتحال جي بهتري جا هدف گڏيل ڪوششن سان حاصل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ??ائريڪٽر وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستان جي معاشي صورتحال جي بهتري چاهيون ٿا. هن وزيراعظم شهباز شريف جي قائداڻي عزم کي ساراهيو.