پشاور – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيراعظم يوٿ ??رو??رام تحت خيبرپختونخواهه جي باصلاحيت نوجوانن ۾ ليپ ٽاپ ورها??ا. ??يبرپختونخواهه صوبي جي مختلف يونيورسٽين جي هوشيار شاگردن ۽ شاگ??دي??ڻين ۾ ليپ ورهائڻ جي لاءِ تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جو گورنر حاجي غلام علي، نگران وڏو وزير اعظم خان، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون شزه فاطمه، وزيراعظم جو خصوصي صلاحڪار انجنيئر امير مقام، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد به موجود هو.