اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ يوڪرين واپار، سيڙپڪاري، زراعت، فوڊ سيڪيورٽي، دفاعي تعاون، ثقافتي م??اسٽا ۽ عوام سان عوام جي رابطن سميت گڏيل فائدي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي ??تف??ق ڪيو آهي. پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي يوڪريني هم منصب ديمترو ڪوليبا سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته يوڪرين سان ٻطرفا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا قائم ڪرڻ پاڪستان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. پر??يهي وزير ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي يوڪرين ۽ روس جي وچ ۾ تڪرار جي پرامن حل جي اميد ظاهر ڪندي چيو ته روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ جاري جنگ ۾ انساني جانين جي زيان تي افسوس آهي، ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ مسئلا ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته هڪ غيرمستحڪم خطي ۾ هڪ ملڪ طور اسان سمجهون ٿا ته پراڻا علائقائي تڪرار اسان جي گڏيل سلامتي کي ڪهڙي طرح خطري ۾ وجهي سگهن ٿا، يوڪرين جي تڪرار اسرندڙ ملڪن ۽ گلوبل سائوٿ جي لاءِ خاص طور تي ٻارڻ، خوراڪ ۽ ڀاڻ جي حوالي سان مشڪلاتون پيدا ڪيون آهن ۽ پاڪستان به ان کان مستثنيٰ نه آهي. هن چيو ته يوڪرين جي پر??يهي وزير سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ اهميت وارن علائقائي ۽ گهڻ رخي معاملن تي ٺوس ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، پاڪستان جا يوڪرين سان پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ يوڪرين جي لاڳاپن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي ۽ ان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، زرعي ۽ دفاعي تعاون، ثقافتي م??اسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ گه??ا رابطا شامل آهن، اسان گڏيل فائدي جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا، واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي تعمير پاڪستان جي لاءِ ترجيحي شعبو آهي. هن چيو ته اسان گڏيل طور تي فائديمند لاڳاپا قائم ڪرڻ جي خواهش رکون ٿا جيڪي اسان جي قومن جي خوشحالي ۽ ڀلائي ۾ مددگار ٿين. پر??يهي وزير چيو ته اڄ جي م??اقات ۾ اسان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ باقاعده ڳالهه ٻولهه ۽ انگيجمنٽ جي اهميت تي ??تف??ق ڪيو، اسان مقرر وقت ۾ مختلف اداراجاتي مڪينزم جا اجلاس منعقد ڪرڻ تي پڻ ??تف??ق ڪيو آهي، اسان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائينداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان ڳالهه ٻولهه ۾ يوڪرين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، مون يوڪرين جي پر??يهي وزير سان موجوده صورتحال تي پنهنجي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ قيمتي جانين جي زيان ۽ بي پناهه انساني مصيبتن تي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پنهنجي معاشي چئلينجز جي باوجود يوڪرين جي ماڻهن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اسان انساني امداد موڪلي آهي، اسان سمجهون ٿا ته ڊگهو تڪرار شهري آبادي جي لاءِ تمام گهڻين مشڪلاتن ۽ مصيبتن جو سبب بڻجي ٿو، اسان کي اميد آهي ته امن قائم ٿيندو ته جيئن يوڪرين ۽ روس جا ماڻهو امن جا ثمر حاصل ڪري سگهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مون ملاقات ۾ تڪرارن جي ڳالهه ٻولهه ۽ ڳالهين ذريعي پرامن حل جي اهميت تي زور ڏنو ۽ امن قدمن جي حمايت جي لاءِ پاڪستان جي آمادگي جو اظهار ڪيو جيڪي خطي ۾ امن آڻي سگهن ٿا. هن چيو ته اسان ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي تڪرار جي پرامن حل جي اميد ڪريون ٿا. پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 12 جولاءِ تي جنيوا ۾ انساني حقن واري ڪائونسل ۾ امتيازي سلوڪ، تشدد جي لاءِ اتساهيندڙ مذهبي نفرتن جي خلاف قرارداد جي حمايت تي يوڪرين جي حڪومت جي اصولي م??قف کي ساراهيو. هن ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي يقين ظاهر ڪندي چيو ته اسان پاڪستان ۽ يوڪرين جي عوام جي وچ ۾ تعاون ۽ دوستي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان يوڪرين سان ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي، يوڪرين سان مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ چاهيون ٿا. ان موقعي تي يوڪرين جي پر??يهي وزير ديمترو ڪوليبا چيو ته پاڪستان ۽ يوڪرين جي وچ ۾ 30 سالن کان لاڳاپا قائم آهن، اسان واپار ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ يوڪريني شين جي پهچ کي آسان بڻايو وڃي، اسان پنهنجي سلامتي ۽ خودمختياري جي حمايت تي پاڪستان جا ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته پاڪستان سان واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ چاهيون ٿا، پاڪستاني شاگردن کي تعليمي سهولتن کانسواءِ پاڪستان کي ڊيجيٽلائيزيشن آف اسٽيٽ سروسز ۾ معاونت ڪري سگهون ٿا. يوڪرين جي پر??يهي وزير چيو ته جنگ جي نتيجي ۾ دنيا ۾ خوراڪ جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. ان موقعي تي پر??يهي معاملن واري م??لڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پر??يهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان پڻ موجود هئا.