اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ??اڪڙ سان سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري جي قيادت ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي 14 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد انوارالحق ??اڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وفد جي بٽ??رام سان تعلق رکندڙ اڳواڻن چيئر لفٽ واقعي ۾ لاڳاپيل عملدارن جي موثر ۽ وقت سر ڪارروائي تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم سڄي ملڪ ۾ سمورين چيئر لفٽس جي سخت جاچ ۽ حفاظتي انتظامن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي.