اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي جاري سنگين خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي جو ??ظهار ??ندي چيو آهي ته ڀارتي قابض فوج هلندڙ سال جي پهرين 8 مهينن دوران والاريل علائقي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 68 ڪشميرين کي شهيد ڪيو جن مان 13 ماڻهن کي حراست دوران قتل ڪيو ويو. اها ڳالهه پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ??فتيوار پريس بريفنگ دوران چئي. هن چيو ته ان دوران اٽڪل 2900 ماڻهن کي گرفتار ??يو ويو جن ۾ سياسي ڪارڪن، واپاري، عورتون ۽ نوجوان شامل آهن. ترجمان چيو ته اهڙي طرح جي ڪاررواين جو مقصد ڪشميري عوام کي پنهنجي حقن ۽ آزادي جو مطالبو ڪرڻ جي عزم ۽ ارادي کي ٽوڙڻ آهي جنهن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب خودمختياري جو ??ق به شامل آهي. هن چيو ته انساني حقن جون اهي خلاف ورزيون ختم ٿيڻ گهرجن ۽ انهن ۾ ملوث ماڻهن جو ??حتساب ٿيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.