اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اقليتن جي حقن جو تحفظ رياست جي بنيادن ۾ شامل آهي، پاڪستان ۾ سمورن شهرين کي برابر حق حاصل آهن، قائداعظم محمد علي جناح اقليتن جي حقن جي ڀرپور طريقي سان ??ضاحت ڪئي. انٽرنيشنل پيس فيسٽيول 2023ع کي خطاب ڪندي اطلاعات واري نگران ??فاقي وزي?? چيو ته اڄ کان 22 سال اڳ 2001ع ۾ گڏيل قو??ن عالمي امن ڏهارو ملهائڻ جو اعلان ڪيو، 2023ع ۾ عالمي انساني حق ڪنوينشن جا 75 سال به مڪمل ٿي رهيا آهن جيڪو هڪ اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته نيڪٽا پنهنجي شروع کان ??ٺي هيستائين ملڪ جي اندر انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اهم قدم کنيا ۽ امن دش??ن عملن تي غور ڪيو. هن چيو ته امن دشمن محرڪن ۾ هڪ اهم عنصر انتهاپسندي آهي، پر??شد?? انتهاپسندي دهشتگردي کي جنم ڏي ٿي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اقليتن جي حقن جو تحفظ پاڪستان جي پاڙن ۾ شامل آهي. قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي 11 آگسٽ جي تقرير ۾ اقليتن جي حقن جي ڀرپور طريقي سان ??ضاحت ڪري ڇڏي هئي ته سمورا پاڪستاني برابر آهن ۽ برابري جو فروغ انتهاپسندي جي خلاف سڀ کان ??ڏو هٿيار آهي. هن چيو ته اسلام انسانيت سان بهتر سلوڪ جو درس ڏي ٿو جڏهن ته انتهاپسندي جي خلاف جدوجهد اسان جي قدرن ۾ شامل آهي. اطلاعات واري نگران ??فاقي وزي?? چيو ته رياست سان ??فاداري جي گهرج آهي ته ڪنهن سان امتيازي سلوڪ نه رکيو وڃي، رياست جي سمورن شهرين کي برابر حق حاصل آهن. اسان کي تعصب کي ختم ڪرڻو پوند??، انهي جذبي سان ??اڪستان جي طاقت کلي سامهون ايندي ۽ ڪير به هن ملڪ کي ڪمزور نه ڪري سگهندو.