اسلام آباد -11 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي و??ير مدد علي سنڌي چيو آهي، ته نگران حڪومت ملڪ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. هو قومي نصابي سربراهه اجلاس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. ان اجلاس جو اهتمام تعليم واري نگران وفاقي و??ارت، رٿابندي و??ري و??ارت جي سهڪار سان ڪيو هو، جنهن ۾ سڄي پاڪستان مان تعليمي ماهرن ش??ڪت ڪئي. سربراهي اجلاس ۾ سرڪاري، خانگي، غيرسرڪاري ۽ ترقياتي شعبن جي تعليمي ماهرن ش??ڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي و??ير مدد علي سنڌي وفاق جي ايڪن وچ ۾ هم آهنگي لاءِ اين سي سي جي ڪوششن جي و??کاڻ ڪئي. هن پاڪستان جي قومي نصاب (اين سي پي) جي مڪمل ٿيل ڪمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نگران وفاقي و??ير نصابي سڌارن ۾ عالمي معيار کي اڳيان وڌائي قوم جي ٻارن لاءِ معياري تعليم جي مقصد کي برقرار رکڻ لاءِ صوبائي حڪومتن جي اسٽيڪ هولڊرز جي ڪردار جي پڻ واکاڻ ڪئي. مدد علي سنڌي چيو ته چونڊ مضمونن جي هڪ رينج لاءِ نصاب جي معيار جي ترقي ۽ سڄي ملڪ ۾ فني تعليم کي هموار ڪرڻ جي حوالي سان قدم سڄي ملڪ جي اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي جاري رهندا. ان موقعي تي مختلف پ??نل مباحثن سان گڏوگڏ ماهرن طرفان نصابي سڌارن جي مختلف رخن تي پريزنٽيشن ڏني و??ي. سربراهي اجلاس دوران نصابي سڌارن، نصابي ڪتابن، استادن ۽ شخصيتن تي چئن مختلف پ??نلز مباحثي ۾ حصو ورتو. ان ش??بي ۾ ماهرن پاڪستان جي تعليمي منظرنامي کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجي تجربن ۽ قيمتي تجويزن کان پڻ آگاهه ڪيو. ڊائريڪٽر ڪريڪولم ڪائونسل (اين سي سي) سيڪريٽريٽ ڊاڪ??ر مريم چغتائي پاڪستان جي قومي نصاب جي مختلف پ??لوئن تي هڪ پريزنٽيشن ڏني.