اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم جي انساني حقن بابت خاص م??دگ??ر مشعال ملڪ چيو آهي ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ خوداراديت جي حق جي آواز کي دٻائڻ لاءِ جنگي ڏ??هن ۽ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙين ۾ ملوث آهي، ڪشميري 76 سالن کان اڄ جي ڏينهن کي ڪاري ڏهاڙي طور ملهائي رهيا آهن، جڏهن ڀارتي فوج اسان جي سرزمين تي پهريون ??يرو ??سان جي سرزمين تي قدم رکيو هو ڪشميري قوم آزاديءَ جو حق وٺي رهندي. اهڙو اظهار هن 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو آهي. ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي خاص م??دگ??ر مشعال ملڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته اسان ڪشميري 76 سالن کان اڄ جو ڏينهن ڪاري ڏينهن طور ملهائي رهيا آهيون، اڄ جي ڏينهن ڀارتي قابض فوج اسان جي سرزمين تي پهريون ??يرو قدم رکيو. هن چيو ته ڪشميري قوم هٿين خالي ڀارتي فوج جو مقابلو ڪيو ۽ ڪشميري قوم ڏُک ۽ رت جون لازوال قربانيون ??نيون آهن. مشعال ملڪ چيو ته اسان ڪشميري عوام آزاديءَ جو حق وٺي رهنداسين، اسان جي اها جدوجهد آزادي ملڻ تائي?? جاري رهندي. مشعال ملڪ چيو ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ خوداراديت واري حق کي دٻائڻ لاءِ جنگي ڏ??هن ۽ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ??ري رهي آهي. گڏيل قومون هڪ اعليٰ سطحي ڪميشن بڻائي جيڪا بين الاقوامي قانونن مطابق سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ انهن ڏ??هن جي جاچ ڪرائي.