تاشقند – 09 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جيڪو ازبڪستان جي شهر تاشقند ۾ منعقد ٿيندڙ 16 هين اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سربراهي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. سربراهي اجلاس کي خطاب ڪيو. پنهنجي تقرير ۾ نگران وزيراعظم علائقائي ترقي جي لاءِ اي سي او جي ويزن جي لاءِ ??اڪستان جي مسلسل حمايت ۽ عزم جو اظهار ڪيو. هن ميمبر ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، رابطن جي فروغ، ٽرانسپورٽ ۽ مواصلاتي انفراسٽرڪچر جي ترق?? ۽ ??ائيدار اقتصادي ترقي جي لاءِ علائقائي تعاون جي اهميت تي زور ??نو. نگران وزيراعظم چيو ته اي سي او جي لنگهن تي ٻڌل حڪمت عملي علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ اهم ??هي. ٽرانزٽ ٽرانسپورٽ فريم ورڪ ايگريمنٽ (ٽي ٽي ايف اي) ۽ اسلام آباد – تهران – استنبول ريل ۽ روڊ ڪوريڊور جهڙن منصوبن سان پوري خطي جي اقتصادي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو. نگران وزيراعظم اسرائيلي قابض فوج پاران غزه تي مسلسل بمباري جي شديد مذمت ڪئي. هن فلسطين مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب حل ڪرڻ تي زور ??نو. نگران وزيراعظم وڌندڙ عدم برداشت، زينو فوبيا ۽ اسلامو فوبيا تي عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائيندي چيو ته گڏيل احترام، بين المذاهب هم ??هنگ?? ۽ ??رامن گڏيل بقاءَ کي فروغ ڏيندي اسلامو فوبيا جي اضافي جي خلاف سياس?? ۽ ??انوني مزاحمت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.