اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته خصوصي ٻارن جو سمورين مشڪلاتن جي خ??اف پنهنجي صلاحيتن کي ثابت ڪرڻ جو جذبو متاثر ڪندڙ آهي. سوش?? ميڊيا ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هن معذوري ۾ ورتل ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، آئون انهن جي ذهانت، سگه?? ۽ ??ماجي شعبي ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي خواهش سان دنگ رهجي ويس، انهن ٻارن جو سمورين مشڪلاتن جي خ??اف پنهنجي صلاحيتن کي ثابت ڪرڻ جو جذبو متاثر ڪندڙ آهي.